راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ٻه ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز صوبي جي ضلعي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، فورسز سان جهڙپ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
ترجمان ٻڌايو ته ٻي ڪارروائي اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي حسن خيل ۾ ڪئي وئي، ڪارروائي دوران جهڙپ ۾ ٻه دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو، اهي دهشتگردي، شهرين جي اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا.
You might also like