وري زراعت تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون

تحرير: اعجاز ممنائي

         پاڪستان هِڪ زرعي ملڪ آهي پر بدقسمتيءَ سان حڪمرانن طرفان هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪرڻ جون پاليسيون جوڙيون پيون وڃن اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ته زراعت اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هَڏي جي حيثيت رکي ٿي. هِن وقت ملڪ جي زراعت شديد بحران جو شڪار آهي. هڪ سروي موجب پاڻ اُها ڳالهه سَڄي  پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي زراعت جو حال حشر ايترو خراب ناهي، جيترو سِنڌ ۾ آهي. هاڻي هر هنڌ اُها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سِنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي اُن جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، پر سڀ کان وڏو ڪارڻ حڪومت جي نااهلي، ڪاهلي ۽ اُهي پاليسيون آهن جيڪي هاري دُشمن ۽ آبادگار دشمن پاليسيون آهن! هِڪ طرف سِنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو آهي ته ٻئي طرف ٻج ۽ ڀاڻ ايترا ته مهانگا آهن جو هاري فصل کڻڻ کانپوءِ خرچ به نه ٿا ڪڍي سگهن.

ماضي ويجهي ۾ ته فصل لهڻ کانپوءِ سرڪار طرفان ٻج ۽ ڀاڻ جي مقابلي ۾ مناسب اگهه نه ڏئي کين سخت پريشان ڪيو ويو.اهڙي نموني  سرڪاري خريداري مرڪز نه کولڻ سبب هاري ۽ آبادگار کُليل مارڪيٽ ۾ پنهنجو قيمتي فصل ٽڪي مُلهه وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا پر سرڪار کي مٿن ڪو رحم نه آيو پر گذريل ڏينهن حڪومت زرعي آمدني تي جولاءِ 2025 کان ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي تي ٽيڪس جي قانون سازي جنوري 2025 ۾ ڪئي ويندي ۽ وفاق جي صوبن سان نيشنل فنانس پيڪٽ تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي.هن چيو ته سي پيڪ بجلي منصوبن جي قرض جي ري پروفائلنگ تي هاڪاري ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ اميد آهي ته جلد سي پيڪ بجلي منصوبن جي ري پروفائلنگ جا معاهدا ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ جي مڪمل خود مختياري جو حامي آهيان.واضح رهي ته ملڪ ۾ زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ناهي، جيڪڏهن ٽيڪس لاڳو ٿي وڃي ٿو ته اهو پاڪستان جي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيندو جيڪو وڏو ظلم هوندو ڇوته هڪ طرف حڪومت هاري ڪارڊ ڏئي کين غربت مان ڪڍڻ جا پلان پئي ڏئي ته ٻئي طرف وري مٿن ٽئڪس هڻي وڌيڪ پريشان پئي ڪري سرڪار کي فوري طور اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي۔ ڀاڻ ۽ زرعي ٻجن جا وڌندڙ اگهه هارين ۽ زميندارن لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهن، جنهن سبب زراعت کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. جڏهن ته زرعي پيداوار جي لاڳت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن سان هارين جي آمدني تي منفي اثر پئجي رهيا آهن ۽ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

حڪومت کي گهرجي ته ڀاڻ ۽ ٻجن جا اگهه گهٽائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، جيئن هارين کي رليف ملي ۽ زرعي شعبي ۾ بهتري اچي سگهي.کين سبسڊي فراهم ڪرڻ، زراعت دوست پاليسين تي عمل ڪرڻ ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ئي زراعت کي بچائي سگهجي ٿو، جيڪو معيشت جو اهم حصو آهي. هارين کي مضبوط ڪرڻ سان زراعت ترقي ڪندي پر جيڪڏهن هارين ۽ آبادگارن جو ائين استحصال جاري رهيو ۽ ظلم جو اُهو سلسلو بند نه ٿيو ته هِڪ ڏينهن اُهي سڀ حڪمران به ڪنگال ٿي ويندا، جيڪي هارين ۽ آبادگارن کي ٽئڪس جي مد ۾  لُٽڻ چاهين ٿا.هن وقت زراعت کي بچائڻ جي ضرورت آهي. زراعت ئي اسان جو اُهو زيور آهي، جيڪو معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم آهي. وفاقي حڪومت کي اُن حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سَچ هِي آهي ته جيڪڏهن زراعت کي ترقي وٺرائي وڃي. هارين ۽ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وڃن۔ جيڪڏهن توهان زراعت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته معيشت پاڻمرادو  مضبوط ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.