قومي وومينز ٽيم جِي ڪپتان فاطمه ثناءَ جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو.
ذريعن موجب، فاطمه ثناءَ جو پيءُ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، قومي ڪپتان اڄ پهرين دستياب فلائيٽ ذريعي ڪراچي لاءِ روانو ٿيندي.
ٻئي پاسي قومي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي پليئرز ۽ مئنيجمينٽ پيءُ جي لاڏاڻي تي فاطمه ثناءَ ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته قومي وومينز ٽيم آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچن لاءِ اڄڪلهه دبئي ۾ موجود آهي جتي ٽيم جي سڀاڻي آسٽريليا سان اهم ميچ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.