پاڪستان کي پنهنجي سرزمين تي هڪ ٻي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو : محمد حفيظ

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ملتان ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي شڪست جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته ملتان ۾ صورتحال کڻي ڪهڙي به آهي، انگلينڊ جي ٽيم هن وقت ڊرائيونگ سيٽ تي آهي.
هن چيوته ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي کٽڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، انگلش پليئرن هاڪاري سوچ جو مظاهرو ڪيو ۽ وٽن بهترين حڪمت عملي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني ٽيم رڳو ميچ ڊرا ڪرڻ لاءِ کيڏندي يا وري ان کي هوم گرائونڊ تي هڪ وڌيڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.