اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو خيبر پختونخواهه هائوس ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه هائوس ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق خيبر پختونخواهه حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ سي ڊي اي وڪيل دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران سي ڊي اي وڪيل چيو ته غير قانوني ڪنسٽرڪشن ٿي آهي ۽ ڪجهه رهتون به باقي آهن، ان سلسلي ۾ 2014 ۾ پهريون نوٽيس ڏنو هو.
ان تي جسٽس عامر فاروق سي ڊي اي وڪيل سان مڪالمو ڪيو ته توهان قانون قاعدي موجب اهو ڪري سگهو ٿا، جيڪڏهن ڪجهه آهي ته نوٽيس ڪيو هو ان کي ڏسي وٺندا، ائين نه ڪيو جو لڳي ته توهان ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهيو، اڄ ئي آرڊر پاس ڪري ڇڏيندس ته ڪي پي هائوس ڊي سيل ڪيو.
سي ڊي اي وڪيل چيو ته ڪي پي هائوس جي ليز 2014 ۾ ختم ٿي چڪي آهي، ان تي چيف جسٽس پڇيو ته سي ٽي اي نوٽيس ڪڏهن جاري ڪيا هئا؟ هڪ نوٽيس هائوس سيل ڪرڻ کان اڳ به جاري ڪرڻ گهرجي ها، هڪ صوبي جو هائوس آهي، سيل ڪرڻ شرمندگي وارو ڪم آهي، مان ڪي پي هائوس ڊي سيل ڪرڻ جو آرڊر ڏئي رهيو آهيان.
پوءِ عدالت خيبر پختونخواهه هائوس ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.