اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئر چيني آءِ پي پي سان واڳيل هئا، انهن ئي انجنيئرن سان هو ۽ پاور ڊويزن وارو وزير اويس لغاري ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن چيني انجنيئرن سان ٽيرف ۾ گهٽتائي لاءِ قرض جي ريپروفائلنگ تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، هنن حڪومت سان ڳالهين ۾ هاڪاري جواب ڏنو هو. ناڻي واري وزير چيو ته چيني ڀائرن جي جاني نقصان جو ڪو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي، هڙتالن جا ملڪي معيشت تي گهاٽا اثر پون ٿا، هڙتال ڪرڻ وارا پنهنجا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪن، هڙتال جي ڪري 190 ارب رپين جو ڏهاڙي نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته اڳتي پاليسي ريٽ ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽ ٿيندي.