پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي اجلاس دوران مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي، ميمبرن منهن ماري بعد هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ڳالهائڻ لاءِ اسپيڪر کان وقت گهريو هو، پر کين ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، جنهن تي ميمبرن ۾ منهن ماري بعد لتن ۽ مڪن جو استعمال ڪيو، تحريڪ انصاف جي نڪ محمد ۽ تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي اقبال وزير ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جو تعلق اتر وزيرستان سان آهي.جهيڙي دوران ايوان ۾ موجود ٻنهي ميمبرن جي حمايتين هڪ ٻئي تي چڙهائي به ڪئي، جنهن دوران ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، اسپيڪر صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو. جنهن بعد صوبائي وزير مخالف ڌر جي ميمبرن کي پرچائڻ لاءِ وٽن لڙي آيا جنهن کانپوءِ صورتحال معمول تي اچي وئي، جڏهن ته ٻنهي ناراض ايم پي ايز کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته وڏي وزير کي ڳالهائڻ جو وقت ڏنو ويو، اسان کي ڇو نه ٿو ملي؟ اي اين پي ميمبر نثار بازي چيو ته مان پنهنجي پارٽي جو موقف بيان ڪندس، شرافت جو فائدو نه ورتو وڃي.اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد تي چڙهائي جي ڌمڪي ڏني، هن چيو ته جيڪڏهن آءِ جي اسلام آباد کي نه هٽايو ويو ته کيس هٽائڻ لاءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪنداسين، هن اسيمبلي فلور تان پيغام ڏنو ته تيار ٿي وڃو، اسان ٻيهر اسلام آباد اچي رهيا آهيون، گرفتار ٿيل سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪنداسين. وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني واضح چيو ته اسان جي فوج سان ڪا جنگ ناهي ۽ نه ئي فوج مخالف ايجنڊا آهي. هن چيو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته منهنجي گرفتاري عزت سان نه ٿيندي، مان ڪي پي هائوس وڃي احتجاج جي حوالي سان فيصلو ڪيو، جڏهن مان ڪي پي هائوس مان نڪتس ته منهنجي کيسي ۾ نه موبائل فون هو ۽ نه هڪ رپيو، منهنجي صوبي جي هڪ ڊي پي او چيو ته توهان کي پشاور پهچائڻ جي ضمانت نه ٿو ڏئي سگهان، مون کي ننڍڙا ٻار آهن ۽ منهنجي نوڪري هلي ويندي.