ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ پنجاب جي علائقي قصور مان گرفتار ڪيل سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، پوليس اهلڪارن غلام قادر، فرمان علي ۽ نادر پرويز کي سنڌڙي ٿاڻي جي پوليس ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جاچ لاءِ 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت چئني جوابدارن کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.