پشتون نياڻي جو ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ کان سوال ۽ موٽ ۾ مليل پشيماني

تحرير: آزاد گهلو

ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ کان پاڪستان ۾ سوالن جوابن جي پروگرام ۾ لڪي مروت جي پشتون قبيلي سان تعلق رکندڙ نياڻي پلوشه اکين ۾ معصوميت ۽ دل ۾ تجسس کڻي ھڪ جواب جي منتظر ھئي ،

نياڻي جو سوال :منھنجي علائقي ۾ مذھبي ماحول تمام گهڻو آھي سمورو معاشرو اسلامي آھي عورتون بنا ضرورت جي گھر کان ٻاھر ناھن نڪرنديون ھر ھفتي مذھبي گڏجاڻيون ٿينديون آھن مذھبي فريضن جي سختي سان پابندي ڪئي ويندي آھي ۽ سڀ سماجي رابطا پڻ مذھبي بنياد تي قائم آھن ۽ گڏوگڏ تبليغي جماعت جو وڏو ڪردار آھي، پر ان باوجود ڇا سبب آھي جو اتي ٻين برائين سان گڏ ھڪ تمام خطرناڪ برائي موجود آھي (Hemophila) معني معصوم ٻارڙن ڏانھن جنسي ڪشڪ جو لاڙو تيزي سان وڌي رھيو آھي ؟؟

ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ پاران ان سوال جو عقلي،علمي ۽ ان علائقي جي سماجي ۽ زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي نفسياتي بنيادن تي جواب ڏيڻ ۽ ان نياڻي کان سوال متعلق وضاحت طلب ڪرڻ بدران اھيو چئي رد ڪرڻ ته اسلامي معاشري ۾ ايئن ناھي ٿيندو ۽ اوھان جو سوال ئي غلط آھي ۽ ماڻھن جي مجموعي ۾ نياڻي جي عزت نفس کي مجروح ڪري کيس شرمندو ڪيو جڏھن  ته نياڻي پاران ڪيل سوال پنھنجي نوعيت ۾ غير سنجيده نه هو .

ھڪ ٻي  ڳالهه ته جيڪڏھن اسلامي معاشري ۾ اھڙا عمل نه ٿيندا آھن ته پوءِ انھن معاملن متعلق پاڪ ڪتاب ۾ احڪام ڇو پيش ڪيا ويا آھن ۽ اھي احڪام لازمي اسلامي معاشري ۾ ئي لاڳو ٿيندا ۽ اصلاح به اتي ئي ٿيندي ته پو۽ اھا ڪٿان جي ڏاھپ آھي ته اسلامي معاشري ۾ ايئن ناھي ٿيندو. اھڙي قسم جا  ڪجهه جنسي زيادتي جا واقعا خليفن جي دور ۾ به پيش آيا پر انھن اسلامي قانون جي پاسداري ڪندي خوش اسلوبي سان انھن کي حل ڪيو اتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا اھو معاشرو نه ھيو ؟

ھن پشتون نياڻيءَ ته صرف پنھنجي سماج جي اخلاقي اصلاح لاءِ سوال ڪيو ته آخر ايئن ڇو ٿي رھيو آھي ۽ ان سماجي برائي مان اسان پنھنجي مجموعي معاشري کي پاڪ ۽ صاف ڪيئن ڪيون.۽ ھا ھڪ ٻي  ڳالهه ته  پاڪستان ۾ مدرسن جي اندر پڙھندڙ شاگردن سان جنسي زيادتي جو رجحان ڪنھن حد تائين خطرناڪ حد تائين موجود آھي جنھن جا اڻڳڻيا ڪيس منظرعام تي اچي ويا آھن ۽ ڪافي وڊيوز پڻ وائرل آھن ان قسم جي سرڪار جي سرپرستي ۾ ھلندڙ مدرسن تي پڻ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو موقف ڇا آھي ؟؟

آخر ۾ ھڪ اھم  ڳالهه ته پشتون نياڻي پلوشه پاران اھڙي قسم جو سوال ڪنھن مولوي بدران عالم(لازمي ناھي عالم مان مراد مولوي ھجي) فلسفي ۽ منطق جي ڄاڻو ڪنھن نفسياتدان کان ڪري ھا ته شايد ڪو لاڀ حاصل ٿئيس ھا

ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ پاران ان سوال جو عقلي،علمي ۽ ان علائقي جي سماجي ۽ زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي نفسياتي بنيادن تي جواب ڏيڻ ۽ ان نياڻي کان سوال متعلق وضاحت طلب ڪرڻ بدران اھيو چئي رد ڪرڻ ته اسلامي معاشري ۾ ايئن ناھي ٿيندو ۽ اوھان جو سوال ئي غلط آھي ۽ ماڻھن جي مجموعي ۾ نياڻي جي عزت نفس کي مجروح ڪري کيس شرمندو ڪيو جڏھن  ته نياڻي پاران ڪيل سوال پنھنجي نوعيت ۾ غير سنجيده نه هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.