حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ سمورين زرعي جنسن جي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي ، حيدرآباد ۾سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھه جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھه، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، محمد اسلم مري، عمران بوزدار ۽ مختلف ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زراعت سان لاڳاپيل اھم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ خريف جي پوک بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته تازين برساتن ۽ گرمي جي لهر سبب ڦٽين جي پيداوار گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي. ڦٽين جي اگهھ ۾ گھٽتائي ۽ پيداواري خرچن ۾ واڌ پڻ ٿي آھي. سنڌ آبادگار بورڊ پيداواري خرچن جي ڀيٽ ۾ زرعي جنسن جي اگھن ۾ وڏي لاٿ تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي ۽ چيو آھي ته اهو ڀاڻ جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته سارين جي اگهن ۾ گهٽتائي پڻ زراعت کي هٿي ڏيڻ تان حڪومت جو ڌيان گھٽجڻ جي عڪاسي آهي. جڏهن ته مل مالڪ سارين جو اگھه پنھنجي مرضي موجب مقرر ڪري رهيا آهن، جنھن ۾ ڪا شفافيت نه آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سارين جي اگهه ۾ 25 سيڪڙو کان به وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آھي.