ميرپورماٿيلو (خالد وسير+ پريم راٺوڙ) داد لغاري پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪينجهر مان اغوا ٿي ويل نذير مارواڙي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ميرپورماٿيلو پهچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن مکي چنيسر لعل، جگديش ڪمار، روشن لعل، مسمات مهرياڻي ميگھواڙ ۽ ٻين چيو ته نذير مارواڙي کي اغوا ٿئي 10 ڏينهن گذري ويا آهن پر ضلعي انتظاميا پورهيت ڳوٺاڻي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جيڪا اسان سان ناانصافي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن نذير مارواڙي جي تذليل واري وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي ان باوجود به پوليس اسان جي مدد نه ٿي ڪري جيڪا اسان سان ناانصافي آهي، هنن نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.هوڏانهن ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل مغوي نظير عرف گرمک ميگهواڙ جي وارثن وٽ ڊي ايس پي پهتو، خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ،