اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) پاڪستان جي سياسي قيادت فلسطين جي آزاد رياست جو مطالبو ڪندي ٻه رياستي حل جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.غزه تي اسرائيلي بربريت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ صدر هائوس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) سڏائي وئي آهي. جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي ٻه رياستي حل جي مخالفت ڪئي. حڪومت پاران منعقد ڪيل اي پي سي جي شروعات مولانا عبدالغفور حيدري جي تقرير سان ڪئي وئي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين پارلياماني سياسي پارٽين شرڪت ڪئي. فلسطين جي معاملي تي ايوان صدر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسرائيل کي والاريل سمورن عرب علائقن مان واپس وڃڻ گهرجي، عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. اسرائيل جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو هر فورم تي اٿارينداسين. صدر چيو ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي حل کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي، فلسطين جي ٻه رياستي حل کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. نواز شريف چيو ته فلسطين کي انسانيت جو مسئلو نه سمجهيو پيو وڃي، اسرائيل فلسطين تي قبضو ڪري ورتو آهي، اقوام متحده لاچار ٿي بيٺي آهي، لڳي ٿو ته اقوام متحده کي ڪا به پرواهه ناهي، هو پنهنجي قراردادن تي عمل نه ٿو ڪري سگهي. ياسر عرفات فلسطيني عوام لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، فلسطينين جو رت رنگندو رهندو. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن اڄ اسلامي ملڪ پنهنجي طاقت جو استعمال نه ڪندا ته ڪڏهن ڪندا؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسرائيل کي مغرب جو ناجائز اولاد سڏيو هو، اسان ان بحث تي حيران هئاسين ته اسرائيل کي تسليم ڪيو وڃي يا نه. هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ٻه رياستي حل جي حمايت نه ڪندي، ٻطرفي حل جو جواز نه شرعي آهي، نه سياسي ۽ نه ئي جاگرافيائي لحاظ کان ٺيڪ آهي. حافظ نعيم چيو ته هن پليٽ فارم تان صرف آزاد فلسطيني رياست جو پيغام ڏنو وڃي ته قائداعظم جو به اهو ئي خيال هو ته اسرائيل فقط هڪ قابض طاقت آهي، ٻه رياستي حل يا، 1967ع واري موقف جي حمايت قائداعظم جي اصولي موقف جي نفي آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرائيءَ موجب اسرائيل عالمي قانونن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي، فلسطين جي عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ حمايت جي خاطري ڪرايون ٿا، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ۽ جارحيت جي خاتمي جو مطالبو ٿا ڪيون. پڌرائيءَ موجب آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل خلاف اسلامي ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوششن جو مطالبو ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جتي فلسطين جو مسئلو آهي اتي هر پاڪستاني هڪ هوندو. هن چيو ته پيغام ڏيڻ ضروري آهي ۽ ان ڪري ڪجهه عالمي قوتن کي غلط فهمي آهي ته پاڪستان جا سياستدان هڪ پيج تي نه آهن، اڄ جو فورم سڀني سياسي پارٽين جي ذريعي واضح پيغام ڏئي ٿو ته اسان فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن هن ڪيس کي سڄي دنيا جي سامهون اٿارڻو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون هن ڪانفرنس ۾ ڀرپور سهڪار ڪنديون ۽ ڪير به پوئتي نه هٽندو، اسان سياسي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته 7 آڪٽوبر کي ائين پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ ته حملي کان اڳ ۾ امن ۽ سڪون هو ۽ هڪ ڏينهن فلسطين جي عوام جاڳيو ۽ قابض فوج تي حملي جو فيصلو ڪيو. اي پي سي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ، جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان ۽ جماعت اسلامي جا امير شريڪ آهن. جنهن ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ لياقت بلوچ، جي يو آءِ ف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفوري حيدري، مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه اعجازالحق، اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان، ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پڻ شرڪت ڪئي. اي اين پي سربراهه ايمل ولي چيو ته افغان جهاد ڪندڙ هاڻ فلسطين وڃي جهاد ڪن.