سنڌو نواز ۽ عاليا بخشل ڏکين حالتن ۾ جرئت جو مظاهرو ڪن پيون: جامي چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽر) نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو آهي ته ڏکيون حالتون بحران به آڻين ٿيون پر سماج ۾ نين جرئتمند روايتن جا بنياد به وجھن ٿيون، ھن ڀيري امر ڪوٽ واقعي ۾ جيئن سماج ۾ دقيانوسي سوچ جي  مدد سان خوف پيدا ڪرڻ ۽ فاشسٽ گروھن پاران سماج کي يرغمال ڪرڻ جي سازش ۽ ڪوشش ڪئي وئي ان کي ٽوڙڻ ۾ اسانجي ٻن ڀينرن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ڪامريڊ عاليا بخشل به پنھنجن ساٿين سميت شاندار جرئت جو مظاھرو ڪري ان ڏھڪاءَ ۾ ڏارَ وڌا ۽ سنڌ کي اُتساھ ڏنو آھي. جامي چانڊيي رواداري مارچ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته بھادر ڀينرون 13 ھين آڪٽوبر جي سنڌ رواداري مارچ ۾ شرڪت جي ڪوٺَ ڏيڻ آيون. کين لکين شابسون ڏيڻ سان گڏ ساڻن واعدو ڪيم ته اڪيلو نه پر احتجاج ۾ ڪُٽنب سميت شريڪ ٿيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.