ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران ڊي ايس پي علي رضا جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار مارجي ويا، سي ٽي ڊي اختيارين موجب، مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جن جي سڃاڻپ قاسم رشيد ۽ عثمان جي نالي سان ٿي آهي. ان سلسلي ۾ سي ٽي ڊي عملدار عمر خطاب جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد شهر ۾ وڌيڪ ڌوهن حوالي سان منصوبا جوڙي رهيا هئا، سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن هلندڙ سال ڊي ايس پي سي ٽي ي علي رضا کي ڪريم آباد ۾ شهيد ڪيو هو.