جي شنڪر جي حوالي سان منهنجو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: بئريسٽر سيف

اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته جي شنڪر جي حوالي سان ميڊيا ۾ سندس  بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٽي وي اينڪر جي شنڪر جي اچڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن اهو چيو هو ته جي شنڪر کي دعوت ڏيان ٿو ته هو پي ٽي آءِ جو پرامن احتجاج ڏسي وٺي، سندس بيان اڌ پيش ڪيو ويو جيڪو صحافتي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي بيان جي پوري وڊيو هلائي وڃي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جو پي ٽي آءِ جي جدوجهد سان ڪو واسطو ناهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر سميت ڪنهن به پرڏيهي کي اجازت ناهي ته اهو اسان جي معاملن تي تبصرو ڪري، ڀارت بابت پي ٽي آءِ پاليسي 27 سالن جي جدوجهد ۾ ڪڏهن تبديل ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.