اسلام آباد/ لاهور (م ڊ) اسلام آباد ۽ پنڊي ڪالهه ٻئي ڏينهن به سيل رهيا، ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ روڊ بند هجڻ ڪري شهرين کي سخت ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پيو، ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ جي احتجاج لاءِ آيل 500 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين جي گرفتاري جي متضاد اطلاعن بعد منظر تان غائب ٿي ويو، پي ٽي آ جي ڪارڪنن ڪالهه به ڊي چوڪ وٽ احتجاج لاءِ قافلن جي صورت ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ وقفي وقفي سان چڪريون ٿيون، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا، ڪارڪنن پاران پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، هوڏانهن خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ٻه ڏينهن اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجي قافلي سميت پشاور مان نڪتو هو، هڪ ڏينهن ۽ رات سفر ڪرڻ بعد کيس ڇنڇر واري اسلام آباد جي جناح ايونيو تي ڏٺو ويو جنهن بعد هو خيبرپختونخواهه هائوس هليو ويو، خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد وڃڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان هتي پهچي ويا آهيون، اسان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، هاڻي پي ٽي آءِ جي باني سان ڳالهه ڪنداسين، ان کانپوءِ اسان جو لائحه عمل ڇا هوندو؟ اسان تي سخت فائرنگ شروع ڪئي وئي، هو الزام مڙهي رهيا آهن ته اسان پرامن پارٽي ناهيون، اسان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان پرامن پارٽي آهيون، اسان جو اختيار پي ٽي آءِ جي باني وٽ آهي. ان کانپوءِ علي امين گنڊا پور خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد روانو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري سندس گرفتاري لاءِ خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد پهتي، ان دوران گنڊاپور کي حراست ۾ وٺڻ جون متضاد خبرون سامهون آيون پر سرڪاري ذريعن طرفان اڃا تائين حراست جي تصديق نه ٿي آهي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي غيرقانوني طور تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي ترجمان انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، سرڪاري نشرياتي اداري پي ٽي وي نيوز موجب علي امين گنڊاپور خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، پي ٽي وي نيوز ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور خلاف رياست تي حملو ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب علي امين گنڊاپور تي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال جو الزام آهي. گهرو وزارت جي ذريعن موجب علي امين گنڊاپور کي نه ته گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي حراست ۾ ورتو ويو آهي، پوليس فائرنگ بابت به پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا بي بنياد آهي، پشاور کان اسلام آباد تائين ڪٿي به فائرنگ ناهي ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ 564 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 120 افغاني ۽ ڪي پي پوليس جا 11 اهلڪار به اهلڪار ڪيا ويا آهن، جيڪي سادا ڪپڙا پائي احتجاج ۾ شريڪ ٿيا هئا.هن چيو ته مظاهرين پنجاب پوليس تي سڌي فائرنگ ڪئي، معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ۾ لاهور ۾ رينجرز کان پوءِ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي، طلب ڪرڻ جو مقصد صوبائي راڄڌاني ۾ امن امان برقرار رکڻ آهي، سرڪاري ذريعن موجب رينجرز جي پي او چوڪ ٻاهران ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن، جي ٽي روڊ کان بٽي چوڪ ڏانهن ويندڙ رستو ڪنٽينر رکي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ سمورن رستن تي ڪنٽينر پڻ رکيا ويا آهن. رنگ روڊ محمود بوٽي سميت مختلف هنڌن کان بند هجڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳل رهيون. بابو صابو انٽرچينج کي به ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو آهي، ايمبولينسون بيهجي وڃڻ سبب مسافر ۽ مريض پريشان رهيا، لاهور کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ به مڪمل طور بند رهي جنهن سبب ويگنن وارن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا، شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.