لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شاهمراد ابڙو واسين پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ميرجت برادري جي مردن توڙي عورت مسمات زھرا، حضوران، عالما خاتون، روشن، اصغر، رياض، ميھر علي ميرجت الزام هنيو ته رشيد وڳڻ پوليس جا اهلڪار رشوت لاءِ هر مهيني گهرن تي چڙهائي ڪري تنگ ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته پوليس اٽالن چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھه ڪئي ۽ اهلڪار 50 هزار رپيا روڪ رقم به کڻي ويا.
ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رشيد وڳڻ پوليس اهلڪارن کان پڇاڻو ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
You might also like