عمران خان جون ڀينرون عليما ۽ عظميٰ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي سيشن عدالت عمران خان جي ڀينرن عليما خان ۽ عظميٰ خان کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد مان گرفتار ٿيندڙ عليما خان، عظميٰ خان کي اڄ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ٻنهي کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
سيشن عدالت اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي ڀاءُ عدنان خان کي به هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.
ڊيوٽي جج عليما خان، عظميٰ خان ۽ ٻين جوابدارن کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته عمران خان جي ڀينرن کي 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد پوليس ڊي چوڪ تان گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.