حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ جي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) تي پابندي هڻي ڇڏي.
گهرو وزارت طرفان پي ٽي ايم تي پابندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
گهرو وزارت جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي ايم ملڪ ۾ امن ۽ سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهي، 1997 جي دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلم 11 بي تحت پي ٽي ايم تي پابندي لڳائي وڃي ٿي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي ايم سربراهه منظور پشتين ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان به ملاقات ڪئي هئي.
علي امين گنڊاپور سان ٿيندڙ ملاقات ۾ منظور پشتين کيس پشتون قومي عدالت ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.