ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ آل پارٽي موومينٽ ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي سوين شهرين اڇا جهنڊا کڻي ۽ موبائل جون بتيون ٻاري امن لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سياسي سماجي ۽ شھري اڳواڻن ڊاڪٽر مھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ھريش ڪمار، ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعو گذريل مهيني کان بدامني خلاف سراپا احتجاج آهي پر خبر نه آهي پوليس پنهنجي ذميواري کان لنوائي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي، هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران ۽ اسان جا چونڊيل نمائيندا مڪمل خاموش آهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڪجهھ نه ٿا ڪن، اسين پنهنجي احتجاج ذريعي ملڪ جي واڳ ڌڻين ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته تحريڪ جاري رهندي.