لاڙڪاڻو (رپورٽ: جي ايم کوکر + عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل موٽرسائيڪلن جي واپاري جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻي نوٽيس وٺي ڇڏيو، لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد ستين نمبر ناڪي واري علائقي مان گذريل رات ڳوٺ درياهه خان جتوئي واسي گدا حسين جتوئي اغوا ٿي ويو هو، سندس تشدد ٿيل لاش آريجا باءِ پاس وٽان پوليس هٿ ڪري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات مگسي برادري جي هٿياربندن گدا حسين کي کنڀي کڻي ويا ۽ گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.