قادرپور ويجهو ڦر مزاحمت تي 3 هندو پورهيت زخمي

گهوٽڪي/قادرپور(رپورٽ: عرفان علي  سومرو+محمد عظيم) گهوٽڪي ويجهو قادرپور لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربند ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 3 هندو نوجوان فائرنگ ۾ زخمي ڪري فرار ٿي ويا،اطلاع تي حد جي پوليس پهچي زخمي ٿيل نوجوان وير بان، رتيش ڪمار ۽ سنجي ڪمار کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ٻن ڄڻن کي نازڪ حالت ۾ سکر منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن قادرپور پوليس موجب هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.