ٽربيونل تبديلي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي دليلن لاءِ آخري موقعو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ٽن تڪن جي ٽربيونل تبديلي بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ کي دليلن لاءِ آخري موقعو ڏئي ڇڏيو. ميمبر سنڌ نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني اليڪشن ڪميشن 3 تڪن جي ٽربيونل جي تبديلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. انجم عقيل، طارق فضل چوڌري، خرم نواز ۽ شعيب شاهين جا مددگار وڪيل پيش ٿيا جڏهن ته علي بخاري ۽ عامر مغل طرفان ڪو پيش نه ٿيو. شعيب شاهين جي مددگار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رستن ۾  رنڊڪون آهن، ان ڪري شعيب شاهين ڪيئن اچي سگهي ٿو. ميمبر اليڪشن ڪميشن شعيب شاهين جي مددگار وڪيل کي هلڪي آواز ۾ ڳالهائڻ جي تنبيهه ڪندي چيو ته اوهان پنهنجو رويو بهتر ڪريو نه ته اڳتي اوهان کي ڏکيائي ٿيندي. پي ٽي آءِ طرفان جونيئر وڪيل پيش ٿيو جنهن استدعا ڪئي ته رستن جي بندش جي ڪري ڪير پهچي ناهي سگهيو، جواب جمع ڪرائڻ ۽ دليلن لاءِ وقت ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته 9 آڪٽوبر تي جواب ۽ دليل ڏنا وڃن، تنهن کانپوءِ ڪو موقعو نه ڏنو ويندو ۽ فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.