ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ+ خالد وسير) ميرپورماٿيلو، جھانپور شريف ويجهو اغوا ٿيل مغوي اطهر مارواڙيءَ بازياب ٿي ويو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي مغوي اطهر مارواڙي کي ساڻ ڪري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڳجهي اطلاع تي پوليس پاران ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائي اطهر مارواڙيءَ کي بازياب ڪرايو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڏوهارين کي چوان ٿو ته سرينڊر ڪن، ته انهن لاءِ بهتر آهي. نوجوان کي ڌاڙيل غفوري شر جي ٽولي اغوا ڪيو هو.