ممبئي(ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا سلمان خان جي بلاڪ بسٽر فلم ” ڪِڪ“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلمساز ساجد ناڊياڊوالا جي پروڊڪشن هائوس طرفان انسٽاگرام تي 2014 ۾ رليز ٿيل سپر هِٽ فلم ڪڪ جي سيڪوئل ٺاهڻ جو باظابطا اعلان ڪيو ويو آهي.
سلمان ۽ ساجد جي جوڙي هن وقت فلم سڪندر جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جنهن جي هدايتڪاري اي آر مروگادوس ڪري رهيو آهي.
ساجد جي اسٽوڊيو طرفان انسٽاگرام تي فلم سڪندر جي سيٽ تان سلمان خان جي تصوير پوسٽ ڪري ” ڪِڪ ٽو “ جي خبر شيئر ڪئي وئي.
فلم جي شوٽنگ ۽ ٻي ڪاسٽ بابت في الحال وڌيڪ تفصيل شيئر ناهن ڪيا ويا.
ياد رهي ته سلمان خان جي فلم ڪڪ 2014 ۾ رليز ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ساڻس گڏ جيڪولين فرنينڊس، رنديپ هودا ۽ نواز الدين صديقي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، فلم ۾ سلمان خان جو ڪردار جو نالو ڊيول يعني شيطان هو.
ساجد ناڊياڊوالا ڪڪ فلم ذريعي هدايتڪاري جي شروعات ڪئي هئي، ڪڪ ٻه سئو ڪوڙو رپين جو ڪاروبار ڪندڙ سلمان خان پهرين فلم هئي.
You might also like