انگلينڊ جو ملتان ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان

ملتان(ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس جي پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت بابت فيصلو نه ٿي سگهيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان خلاف ست آڪٽوبر کان ملتان ۾ شيڊيول پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس جي شرڪت شڪي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته انگلينڊ کي پهرين ٽيسٽ لاءِ بين اسٽوڪس جي دستيابي لاءِ وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو، سندس غير موجودگيءَ ۾ اولي پوپ ٽيم جي قيادت ڪندو.
ميڊيا رپورٽس موجب، انگلش ٽيم پلئينگ اليون جو اعلان ميچ کان ٽيسٽ ميچ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪندي آهي، امڪان آهي ته انگلش ٽيم ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان خلاف پلئينگ اليون جو اعلان ڪندي.
واضح رهي ته بين اسٽوڪس دي هنڊريڊ ليگ دوران هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿيو هو جنهن سبب هو سريلنڪا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز ۾ به حصو نه وٺي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.