لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي اسپنر عثمان قادر جي رٽائرمينٽ تي سندس گهرواري صوبيه عثمان سوشل ميڊيا تي جذباتي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ صوبيه عثمان لکيو ته اڄ سندس لاءِ هڪ پاڪستاني شهري طور ڪارو ڏينهن آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ هر شعبي ۾من پسند ماڻهن کي نوازيو ويندو آهي ۽ پنهنجا نوازي آهي، پسنديدگي حقيقي ڪاميابي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي ويندي آهي، اسان تيستائين اڳتي نٿا وڌي سگهون جيستائين ان کي سپورٽ نه ڪنداسين جيڪو ان جو حقدار آهي.
واضح رهي ته عثمان قادر خميس جي ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
عثمان قادر اڳوڻي ليجنڊري ليگ اسپنر ڪرڪيٽر عبدالقادر جو پٽ آهي، هن هڪ ون ڊي ۽ پنجويهه ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
You might also like