جماعت اسلامي ۽ ذوالفقار ڀٽو جو فلسطين مسئلي تي مضبوط موقف رهيو: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد (پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شاهد  خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي جڏهن ته محمود اچڪزئي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ملين مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل هڪ سال کان غزا جي عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، بدقسمتي سان اسرائيل کي روڪڻ وارو ڪو به ناهي، آمريڪا اسرائيل جي پويان بيٺو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ٽيم ۾ سٺي ملاقات ٿي، پيپلز پارٽي کي 7 آڪٽوبر جي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جماعت اسلامي ۽ ذوالفقار ڀٽو جو فلسطين مسئلي تي مضبوط موقف رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جماعت اسلامي سان ملاقات ۾ فلسطين جي مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول ڀٽو چيو ته جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جا سياسي اختلاف هڪ پاسي، فلسطين جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهيون، فلسطين جي صورتحال تي سڄي پاڪستان کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي. جماعت اسلامي پاران فلسطين ۽ لبنان سان ايڪي جو هفتو ملهايو پيو وڃي، 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ملين مارچ ڪيو ويندو. تنهن کانپوءِ جماعت اسلامي امير اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس غزا ملين مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.