ڏهرڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽ: آصف شر)ڏھرڪي ويجھو ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سمندر ڀيو ۾ جوابدار پٽ شفن ڀيو پنهنجي 45 ورهين جي پيرسن امڙ مائي حضوران کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، اهڙي واقعي بعد پوليس پهچي پيرسن عورت جو مڙهه کڻائي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارتم ۽ ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پيرسن عورت مائي حضوران جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي، هوڏانهن مقتول پيرسن عورت مائي حضوران جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار پٽ شفن ڀيو پنهنجي والده مائي حضوران کان نشو ڪرڻ لاءِ پئسا گهريا جنهن انڪار ڪيو ته جنوني پٽ ڪاوڙ ۾ اچي پسٽل جا سڌا فائر ڪري پنهنجي پيرسن امڙ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي نوٽيس وٺي بي رحم پٽ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس هن مهل تائين داخل ناهي ٿي سگهيو