ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت دوران نوجوان قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ ڦر جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو. پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 25 ورهين جي فيصل جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته اسان فيڪٽري ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين، اسان پگهار وٺي گهر وڃي رهيا هئاسين ته موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تي جوابدارن اسان کان روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ۽ منهنجي ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني. مقتول جي پيءُ رڙيون ڪندي چيو ته هٿياربندن ٻن ڀائرن مان 80 هزار روڪ ڦر ڪئي ۽ موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تي منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته ڪارروائي ڪرڻ جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.