اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 11 اڳوڻن ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) قومي اسيمبلي جي 11 اڳوڻن ميمبرن کي سالانه گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي 7 اڳوڻن ميمبرن کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.انهن ميمبرن 23-2022ع جا ريٽرن جمع نه ڪرايا، اهي ميمبر ريٽرن جمع ڪرائڻ تائين نااهل رهندا، ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر هئي.نوٽيفڪيشن موجب نااهل ٿيل ميمبرن ۾ خرم دستگير، محسن نواز رانجها، اسحاق خان، محمد علي، ڪمال الدين، عصمت الله، سيد محمود شاهه، ثمينه مطلوب شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب نصيبا، شميم آرا پنهور، محمود شاهه روبينا عرفان کي به نااهل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي 7 ميمبرن عديل احمد، حزب الله بگيو، ارسلان تاج، عارف مصطفيٰ، عمران شاهه، علي غلام ۽ طاهره کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن ۾ نااهل ٿيل اڳوڻي بلوچستان اسيمبلي ميمبر يار محمد رند، سڪندر علي، مير حمل ۽ ٻيا شامل آهن.