پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان پشتون تحفظ موومينٽ جي سربراهه منظور پشتين ملاقات ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ منظور پشتين جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور کي 11 آڪٽوبر تي پشتون قومي عدالت ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.
هن چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير هر ممڪن سهڪار ۽ جرڳي ۾ نمائندگي جو چيو، تقريب ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ نمائندا ۽ عوام شرڪت ڪندو.
منظور پشتين وڌيڪ چيو ته جرڳي ۾ مختلف مڪتبه فڪر ۽ قبيلن جا ڌار ڌار پنڊال هوندو، مختلف قبيلن ۽ مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو هڪ، هڪ نمائيندو چونڊيندا، پشتون قومي عدالت مظلومن جو آواز آهي.
You might also like