ڪانپور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون سريلنڪا جي اڳوڻي ليجنڊري اسپنر مرلي ڌرن جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ورلڊ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
اڱاري جي ڏينهن ڀارت بنگلاديش کي ڪانپور ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز ٻه ٻڙي تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ايشون بال توڻي بيٽ سان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي بنياد تي کيس پليئر آف سيريز قرار ڏنو ويو .
ڀارتي آل رائونڊڙ مهمان ٽيم خلاف چنائي ٽيسٽ ۾ ڏکئي وقت ۾سينچري اسڪور ڪئي ۽ سيريز ۾ مجموعي طور تي 11 وڪيٽون حاصل ڪيون.
بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ کٽڻ کانپوءِ ايشون سريلنڪا جي مرلي ڌرن جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ وارو ورلڊ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
مرلي ڌرن پنهنجي ڪيريئر ۾ 56 ٽيسٽ سيريز ۾ 11 ڀيرا پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته ايشون 35 ٽيسٽ سيريز ۾ 11 ڀيرا پليئر آف دي سيريز جو اعزاز ماڻي چڪو آهي.
ميچن جي انگ جي حساب سان ڏٺو وڃي ايشون مرلي ڌرن کان تيز 11 پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته مرلي ڌرن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اٺ سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي جڏهن ته ايشون هنيئر تائين 102 ٽيسٽ ميچن ۾ پنج سئو ستاويهه وڪيٽون ورتيون آهن.
You might also like