اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ڀلي ڪو هنن کي گاريون ڏئي هو آئين ۽ قانون تي عملدرآمد ڪندا.
اسلام آباد جي ٽن تڪن ٽربيونل جي تبديلي واري معاملي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وڪيل انجم عقيل هو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي رهيا آهن.
تحريڪِ انصاف جي حمايت يافته اميدوار عامر مغل جو پٽ پيش ٿيو ۽ چيو ته سندس والد تي ڪيئي ايف آر آرز آهن انڪري هو وڪيل ناهي ڪري سگهيو، ٽن کان چئن هفتن جو وقت ڏنو وڃي.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سڀاڻي تائين جو وقت ڏيون ٿا اوهان وڪيل ڪري وٺو، چيف اليڪشن ڪمشنر هدايت ڏني چيوته ٽن تڪن لاءِ ڌار ڌار درخواست جمع ڪرايو، اوهان سنجيده نه پيا لڳو، ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسان درخواستون رد ڪري ڇڏيون؟
پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيوته اسان کي درخواست باوجود ڪميشن جي آخري آرڊر جي ڪاپي ناهي ڏني وئي.
چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌڻي کانپوءِ پنجن منٽن اندر آرڊر جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي ويندي ته آرڊر جي ڪاپي ڇو نه ڏني وئي؟
شعيب شاهين چيو ته هو هتي اوپرا آهن ان تي بلوچستان جي ميمبر چيو ته اوهان اوپرا ڪيئن آهيو؟ شعيب شاهين چيو ته ساڻن جيڪي ناانصافيون ڪيون ويون آهن هو انهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪندو رهندو، ڀلي پوءِ اسان کي گاريون ڏيو اسان آئين ۽ قانون تي عمل ڪنداسين.
شعيب شاهين چيو ته هنن اڄ تائين گار ناهي ڏني ان تي سڪندر سلطان راجا چيو ته اِها ڳالهه اوهان پنهنجي ساٿين کان پڇو.
شعيب شاهين چيو ته انصاف جي نظام لاءِ اسان اوپرا آهيون، خيبرپختونخوا جي رڪن چيو ته اوهان کي ڪو فيور ڏئي ته اُهو انصاف ڪري ٿو، ٻيا ناانصافي ڪري رهيا آهن؟
ان کانپوءِ انجم عقيل ۽ خرم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ساڍي ٻارنهين وڳي تائين جڏهن ته طارق فضل چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي چار آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
You might also like