شهيد حسن نصرالله جو مڙهه ملي ويو، يمن تي به اسرائيلي حملا

بيروت( م ڊ) حزب الله جي شهيد سربراهه حسن نصرالله جو لاش هٿ اچي ويو آهي، اسرائيلي حملي ۾ 20 اهم اڳواڻ مارجڻ جي دعويٰ ڪئي  پئي وڃي.پرڏيهي خابرو اداري موجب حسن نصرالله جي جسم تي ڪنهن به وڏي زخم جو نشان ناهي.رپورٽ موجب حسن نصرالله ظاهري طور تي ڌماڪي جي شدت سبب مارجي ويو. واضح رهي ته حسن نصرالله جمعي جي رات بيروت ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو. لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله گذريل ڏينهن حسن نصرالله جي شهادت جي تصديق ڪئي هئي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن داهيا ۾ وڌيڪ هوائي حملا ڪيا آهن، هڪ علائقو ڏکڻ بيروت ۾ حزب الله جو مضبوط قلعو سمجهيو ويندو آهي. اسرائيلي فوج وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ هن لبنان ۾ حزب الله جي ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو جنهن جو مقصد لبناني تنظيم جي راڪيٽ لانچرن ۽ هٿيارن جي گودامن کي تباهه ڪرڻ آهي.  اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن فضائي حملي ۾ حزب الله جي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر ۽ سينيئر اڳواڻ نبيل ڪائوڪ مارجي ويو. حزب الله جي ويجهن ذريعن موجب اسرائيلي حملي ۾ نبيل ڪائوڪ مارجي ويو، هو حزب الله جي اندروني سيڪيورٽي جو انچارج هو. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ڏکڻ بيروت ۾ حزب الله جي هيڊ ڪوارٽر تي هوائي حملن ۾ حسن نصرالله ۽ تنظيم جا 20 ٻيا سينيئر ماڻهو مارجي ويا. حزب الله حسن نصرالله، علي ڪرڪي ۽ نبيل قووق سميت ڪيترن ئي شخصيتن جي موت جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن حسن نصرالله جي سيڪيورٽي يونٽ جي سربراهه ابراهيم حسين جزيني ۽ حزب الله جي سربراهه جو ”مشير ۽ ويجهي ساٿي“ سمير توفيق ديب کي به ماريو آهي. هوڏانهن اسرائيل ڏکڻ لبنان تي وڌيڪ حملا جاري رکيا، جنهن سبب وڌيڪ 24 ڄڻا شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ڪراچي/اسلام آباد/ لاهور ( رپورٽر/ م ڊ) سيد حسن نصرالله جي شهادت خلاف سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به يوم احتجاج ملهايو ويو.  اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، مٺي، وهاري، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، اوڪاڙه، ننڪانه، ايبٽ آباد، چنيوٽ، ڀلوال ۽ لوئر دير ۾ به ريليون ڪڍيون ويون. ڪراچي ۽ لاهور ۾ ايراني حمايت يافته لبناني فوجي تنظيم حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي شهادت خلاف ريلي ڪڍي آمريڪي قونصليٽ جو رخ ڪيو . ريلي چورنگي کان آمريڪي قونصليٽ تائين پهتي ته آمريڪي قونصليٽ ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا. ريلي جڏهن مائي ڪولاچي روڊ تي پهتي ته احتجاج ڪندڙن چيو ته انتظاميا ڪنٽينر لڳائي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.  پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ شروع ڪري ڇڏي. پٿراءُ ڪري اي آر واءِ نيوز جي ڊي ايس اين جي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، نيو ٽي وي جي ڊي ايس اين جي جي شيشي به ٽوڙي وئي، پٿراءُ ڪري صحافي دانيال سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.   لاهور ۾ پنجاب اسيمبلي هال کان آمريڪي قونصليٽ تائين حمايتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان، مجلس وحدت مسلمين ۽ تحريڪ بيداري امت مصطفيٰ جي اڳواڻن ڪئي. هوڏانهن اسلام آباد پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد پوليس طرفان مشتاق احمد جي گهرواري کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سوڌو 10 احتجاج ڪندڙن کي اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي. مشتاق احمد سيو غزا ڪيمپين جي اهتمام هيٺ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيو هو، کيس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد، سکر، مٺي، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو.

تل ابيب ( م ڊ ) اسرائيل يمن ۾ پاور پلانٽس ۽ بندرگاهن تي هوائي حملا ڪيا آهن.اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته هن يمن ۾ راس عيسيٰ ۽ حديده جي علائقن ۾ حوثي فوجي اڏن تي حملو ڪيو آهي.رائٽرز نيوز ايجنسي موجب اسرائيلي حملي ۾ تيل جي ٽينڪن کي نشانو بڻايو ويو. ايڪس تي پوسٽ ڪيل هڪ بيان ۾، آئي ڊي ايف چيو ته اڄ وڏي پيماني تي هوائي آپريشن ۾، هوائي فوج جي ڪيترن ئي جهازن، جن ۾ جنگي جهازن ۽ انٽيليجنس جهازن ۽ انٽيليجنس جهازن ۽ انٽيليجنس جهاز راس عيسيٰ ۽ حديده علائقن ۾ حوثي فوجي اڏن تي حملو ڪيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.