اسان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندا آهيون ته ميڊيا کي جيڏو ملڪ، صوبن ۽ عوام جي ڳڻتي هوندي آهي ايڏي حڪومتي ۽ انتظامي عملدارن کي جيڪڏهن ٿي پئي ته جيڪر ڪيڏي نه بهتري اچي وڃي اوهان چوندئو ته ميڊيا جو ڪم ئي خبريت مهيا ڪرڻ ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ آهي برابر ائين ئي آهي پر گڊ گورننس قائم ڪرڻ به ته حڪومت جو ڪم آهي نه پوءِ گڊگورننس ڪنهن به حڪومت جو آخر ڇو آدرش ناهي.
اصل ڳالهه احساس ذميواري جي آهي. اسان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندا آهيون ته ڪاش حڪومتي وزيرن ۽ عملدارن ۾ ميڊيا جو روح اوتجي وڃي جو اهي ميڊيا جي روح وچان حڪومت ڪن. مثال طور هميشه وانگر اڄ به اسان کي اها ڳڻتي ورائي وئي آهي ته هن سال واري چئوماسي جي برساتن وگهي سنڌ جا جيڪي روڊ، رستا، شاهرائون ڀڄي پيون آهن تن جي مرمت جو ڇا ٿيندو، اهڙو اونو ايئن ناهي ته ڪو اسان اڄ ڏيکاريو آهي پر حڪومت کي تڏهن ئي ياد ڏياريو هيوسين ته جڏهن برساتي موسم هلي رهي هئي ۽ نه رڳو هن چئوماسي جي برساتن لاءِ پر اسان ته هر سال اڳواٽ ئي حڪومت کي ياد ڏياريندا آهيون ته برساتن کان اڳ ۽ پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي پر هتي سوال اهو آهي ته اهڙو احساس يا اونو حڪومت کي پاڻ ڇو ناهي ٿيندو، اها پاڻمرادو برساتن جي موسم کان اڳ ۽ پوءِ وارا ڪم ڇو نه سنڀاليندي آهي ڇا اهو ضروري آهي ته جڏهن ميڊيا هاءِ گهوڙا ڪندي تڏهن حڪومت اک پٽيندي؟
هاڻي به پرنٽ ميڊيا ڏسجي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا هر جڳهه تي خبرن، رپورٽن، مضمونن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريل ۾ حڪومت کي ٻڌايو وڃِي ٿو ته برساتن کانپوءِ روڊ رستا ڀڄي ناس ٿي ويا آهن مهرباني ڪري انهن جو نوٽيس وٺي ڪري مرمت جو انتظام ڪريو. ان ميڊيائي دٻاءُ جي نتيجي ۾ يا پڇڻ تي ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب ۽ سينيئر وزير سعيد غنيءَ ٻڌايو هو ته جيئن ئي برساتن جو اسپيل ختم ٿيندو ته ڀڳل روڊن جي سروي ڪري انهن جي فوري مرمت ڪرائي ويندي پر ان ڪم جا آثار اڃان نظر نٿا اچن پر ميڊيا تي مسلسل دٻاءُ جاري آهي جنهن جي جواب ۾ هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته وڏي وزير بجيٽ منظور ڪئي آهي مطلب ته سرڪار اهي ڪم روايتي سستي سان ئي ڪندي برق رفتاري سان نه ڪندي جڏهن ته ڏسجي ته هي فوري نوعيت جا ڪم آهن ڇاڪاڻ ته روڊن رستن تان عام توڙي خاص عوام جو گذر روز جو ۽ هر وقت جو هوندو آهي، ڪاروباري ڪمن ڪارين، آفيسن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، اسپتالن ڏانهن اچڻ وڃڻ وارو وهنوار روڊن رستن شاهرائن سان ڳنڊيل هوندو آهي خراب روڊ رستا هوندا ته گاڏين جي رفتار به متاثر ٿيندي آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي ويندي آهي ۽ سڀني کي اچڻ وڃڻ ۾ دير به ٿي ويندي آهي. ڏسڻ تي اچجي يا سمجهڻ تي اچجي ته ڀڳل ٽٽل روڊن رستن ڪري سڄو نظام ئي سست ٿي ويندو آهي ۽ هر ڪم کي ان سبب دير ٿيندي آهي جنهن جو اثر مجموعي طور تي معيشت تي به پوندو آهي.
ڇا اها معمولي ڳالهه آهي؟ نه بلڪل به نه اها تشويشناڪ ڳالهه آهي. اصولي طور تي حڪومتي عملدارن کي ان صورتحال تي ته جيڪر ننڊ ئي نه اچي ته اسان جي غلفت، لاپرواهي يا غيرسنجيدگي سبب عوام کي نه رڳو سفرن ۾ تڪليف ٿئي ٿي، ٽريفڪ جام سبب اذيت رسي ٿي، ڪم ڪار ۾ دير ٿئي ٿي پر مجموعي طور تي سڄو وهنوار ئي متاثر ٿئي ٿو پر حڪومت ايئن ناهي سوچيندي ۽ ايڏي سنجيدگي ناهي ڏيکاريندي جيڏي اسان ڏيکاري رهيا آهيون. جڏهن ته اها سنجيدگي حڪومت کي پاڻ ڏيکارڻ گهرجي ۽ ٽي وي ريڊيو تي اچي ڪري ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ايندڙ برساتي موسمن ۽ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا آهن، ڪري رهيا آهيون يا ڪنداسين ۽ ميڊيا پوءِ اهي رپورٽون پيش ڪن.
هاڻي به اسان جو سنڌ حڪومت کان سوال آهي ته برساتن وگهي سنڌ جي ڀڳل ٽٽل روڊن جي جي مرمت جو معاملو ڪٿي پهتو، حڪومت ڪڏهن مرمت جو اهو ڪم ڪندي ۽ عوام کي سهولت ڏئي ان کي عذاب کان ۽ غير ضروري دير کان بچائيندي. پ پ جي حڪومت کي اهي عوامي ۽ ترقياتي ڪم ان احساس وچان به ڪرڻ گهرجن ته سنڌ اندر سندس مخالف جماعتون به آهن خاص ڪري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي خراب ڪارڪردگي تي سخت نظر رکيل هوندي آهي. هونئن ته ڪراچي اڄ ايم ڪيو ايم جي راڄ وارن ٽيهن سالن کان هزار ڀيرا ڀلي آهي، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ٽارگيٽ ڪلنگ، نسلي لساني، فرقيوار فساد، ٽي ٽي ڏينهن هڙتال، ٻوري بند لاشن ملڻ وارو دهشت ناڪ دور ناهي پر نام نهاد قومي ميڊيا ۽ اهي مخالف جماعتون وري ڀڳل ٽٽل روڊ ۽ گند ڏسي ايئن واويلا ڪنديون آهن ڄڻ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ڪراچي پيرس بڻيل هئي. جڏهن ته دهشت گردي ۽ تحزيب ڪاري واري دور ۾ اها نام نهاد قومي ميڊيا سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپيندي هئي. باقي اها به حقيقت آهي ۽ اسان به ان حوالي سان پ پ جي صوبائي حڪومت تي اها تنقيد ضرور ڪنداسين ته ان ڪراچي کي به لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو آهي، ڪراچي جا روڊ به هاڻي لاڙڪاڻي جي روڊن جهڙا ڀڳل ٽٽل ملن ٿا ۽ سيوريج جو نظام به ايئن ئي ٿي ويو آهي جيئن لاڙڪاڻي جو آهي. هاڻي ڪراچي جي روڊن ۽ شاهرائن تي به گٽرن جو وهندڙ گندو پاڻي ملي ٿو. سو اها به حقيقت آهي ته اسان سنڌي ميڊيا وارا پ پ تي جائز تنقيد ڪندا آهيون پر اردو ۽ انگريزي ميڊيا ايم ڪيو ايم جي تڏهوڪي بدترين دور تي ايئن تنقيد نه ڪندي هئي جيئن سنڌي ميڊيا پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگي تي ڪندي آهي.
بهرحال پنهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پ پ کي پنهنجي مخالف سياسي جماعتن جي تنقيد جي روشني ۾ پاڻ ئي ڪراچي ۾ بهترين حڪومتي ڪارڪردگي جيڪر ڏيکاري ڇاڪاڻ ته پ پ کي وڏي عرصي کان پوءِ ڪراچي جي ميئر شپ ۽ ايڊمنسٽريشن ملي آهي ته ان وٽ سونهري موقعو آهي ته اها بهترين حڪومتي ڪارڪردگي ڏيکاري ڪراچي جي عوام جون دليون کٽي اهو تاثر قائم ڪري ته انهن وٽ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي ڀيٽ ۾ پ پ به متبادل طور موجود آهي. اهڙو تاثر قائم ڪرڻ لاءِ پ پ کي غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي پر پ پ جو ڪراچي ڏانهن اهو غير معمولي رويو نظر نه ٿو اچي نتيجي ۾ مٿس سخت تنقيد ٿي رهي آهي، اهڙي تنقيد ۾ ڪراچي اندر ڀڳل ٽٽل روڊن، گند ڪچري ۽ سيوريج جي تباهي ڪن نظام اسٽريٽ ڪرائيم خاص طور تي نشانو بڻيل آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڊ گورننس قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.