سنڌ ۾ زمينن جي والارخلاف جدوجهد جي مقابلي ۾ انتهاپسندي وڌائي پئي وڃي: عائشه صديقه

نيويارڪ (رضا رومي):  سنڌ ۾ ڊاڪٽر شاهه نواز  ڪنڀر جو مذهب جي بي حرمتيءَ جي الزام ۾ ٿيل قتل انتهائي ظلم آهي، سنڌ ۾ زمينن جي والارخلاف جدوجهد جي مقابلي ۾ انتهاپسندي وڌائي پئي وڃي. اهڙو اظهار ملڪ جي نامياري دانشور  عائشه صديقه رضا رومي سان سندس ولاگ ۾ ڳالهائيندي ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ زمينن جي والارخلاف جدوجهد جي مقابلي ۾ انتهاپسندي وڌائي پئي وڃي. زمينون طاقتور ڌر کي ڏيڻ ۽ ان لاءِ وڏا واهه کوٽڻ خلاف جدوجهد هلي رهي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڏهن پوليس ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو تڏهن به ان اهو ئي چيو ته جنهن فيس بوڪ اڪائونٽ تان اهو معاملو پيدا ٿيو آهي، اهو منهنجو پراڻو اڪائونٽ آهي جيڪو هيڪ ٿي ويو هو. پوليس ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي اها ڳالهه بلڪل به نه مڃي ۽ کيس گرفتار ڪري عمر ڪوٽ وٺي آئي ۽ کيس رات جو چئين وڳي جي  لڳ ڀڳ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ پوليس سڌو سنئون ملوث آهي. ڊاڪٽر شاهه نواز جي قتل ۾ پوليس سان گڏ پيپلز پارٽي به سڌو سنئون ملوث آهي ۽ ان سان گڏوگڏ علائقي جا بااثر ماڻهو به ملوث آهي. ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي قتل بعد سنڌ جي حوالي سان ڪافي شيون نروار ٿي سامهون آيون آهن. ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي ظالماڻي قتل کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهائي پسنديءَ کي سمجهيو وڃي جنهن کي پيپلزپارٽي ۽ رياست گڏجي ڪري وڌايو آهي ۽ وڌائي رهيا آهن.سنڌ ۾  نقشبندي ۽ ديو بندي فرقن ۽ درگاهه جو اثر آهي ۽ ڊاڪٽر شاهه نواز ڪنڀر جي قتل ۾ الزام هيٺ ڄاڻايل پير عمر سرهندي پڻ نقشبندي سلسلي سان تعلق رکي ٿو، ان بعد ديوبندين جو اثر آهي. اها ڳالهه به ذڪر جهڙي آهي ته ماضي ۾ جڏهن جماعت دعوه ۽ لشڪر طيبه جو بنياد پئجي رهيو هو تڏهن ان اجلاس ۾ بديع الدين راشدي موجود هيو. جيڪو بعد ۾ پشاور جي وڏن مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو جتي تحريڪ طالبان جا وڏا اڳواڻ پيدا ٿيا. سنڌ ۾ 2010  ۽ 2011  ۾ رياست لشڪرطبيه کي باقاعده نموني منظم ڪيو ۽ انهن کي خاص ڪري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو جنهن بعد انهن جو اثر سکر ۽ شڪار پور جي علائقن ۾ وڌيو ايتري قدر جو انهيءَ دور دوران شڪار پور مان گڏرندي افغانستان ويندڙ نيٽو جي ڪنٽينرز تي حملا به ٿيا. رياست سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي مقابلي ۾ هڪ ٻي قوت کي جنم ڏنو جنهن طرف ماڻهن متوجهه ٿيا، اها طاقت شدت پسندن جي هئي. 2014 ۾ سنڌ جي دوري دوران مون جڏهن عام سنڌين سان ملاقاتون ڪيون ته انهن اها ڳالهه واضع نموني چئي ته اسان جي لاءِ ڌاڙيل، حڪومت، سياست دان، مولوي ۽ فوجي سڀ هڪڙي ڳالهه آهن، اهي اسان لاءِ واري واري سان ڌاڙيل ۽ حڪمران ٿيندا آهن جڏهن انهن قوتن سان گڏجي سنڌ ۾ ايليٽ ڪلاس، پيپلز پارٽي ۽ سياسي پارٽيون گڏجي ڪري مذهبي انتها پسنديءَ کي وڌائيندا آهن، ان جي سرپرستي ۽ پرورش ڪندا آهن. 2010 ۾ مون جڏهن آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي چيو ته سنڌ ۾ سون ۽ هزارن جي انگ ۾ اهڙا مدرسا قائم ٿي ويا آهن جن جو مٽيءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي، منهنجي اهڙي سوال کي آصف زرداري نظر انداز ڪندي چيو ها اهي ته رڳو ماڻهن ۾ مذهبي تبليغ ڪندا آهن، سنڌ جون  حالتون انهن ڏينهن کان انتهائي خراب ٿينديون ويون .هڪ سازش ۽ منصوبي تحت اپر سنڌ کي ديوبندي تنظيمن کي داخل ڪيو ۽ انهن جي پرورش ڪئي. اهلحديث، لشڪره طيبه جهڙين تنظيمن کي داخل ڪيو. جڏهن ته 80 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي القاعده قيادت جي پناهه گاهه رهي آهي. ٽي ايل پي کي نواز شريف خلاف تيار ڪيو ويو هاڻ ان کي ڪنهن نه ڪنهن حڪومت خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 27 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.