چيف جسٽس سان بيڪري ملازم جي بدتميزي واري وڊيو وائرل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيل بدتميزي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا ۾ هڪ بيڪري ۾ خريداري دوران اتي جي هڪ ملازم چيف جسٽس سان بدتميزي ڪري رهيو آهي، واقعو ايئن پيش ته چيف جسٽس پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ خريداري لاءِ بيڪري تي پهتو، ان دوران هڪ ملازم وڊيو ڀريندي پڇيو ته ڇا توهان قاضي فائز عيسيٰ آهيو؟ جنهن بعد هن بدڪلامي ڪئي، اها وڊيو ٻه ڏينهن سان سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جيڪا ڪالهه ٽرينڊ رهي، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ بيڪري ڪمپني سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته بدتميزي ڪرڻ وارو عمل ملازم جو ذاتي فعل هو، ان جي ڪمپني مذمت ڪري ٿي ۽ سمورن گراهڪن کان معافي ٿي وٺي، واقعي کانپوءِ ملازم کي نيڪالي نه ڏني وئي آهي پر هو پاڻ ڪم تي نه پيو اچي، نه وري بيڪري سيل ٿي آهي، سوشل ميڊيا تي اهڙين خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي، ٻي طرف آمريڪي يونيورسٽي ۾ جرنلزم جي پاڪستاني پروفيسر اويس سليم ان وڊيو معاملي تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس جي فيصلن تي تنقيد صرور ڪريو پر پنهنجي گريبان ۾ جهانڪي به ڏسو ، سڀاڻي توهان کي ڪير گار ڏئي وڃي ته ڪيئن رهندو.ٻي پاسي عوامي آواز جي خبر موجب چيف جسٽس سان بيڪري ۾ بدتميزي واقعي ۾ ٻه ملازم شريڪ هئا، هڪ وڊيو ٻاهي ۽ ٻئي چيف جسٽس لاءِ بدتميزي ڪئي، وڊيو ٺاهيندڙ گرفتار ٿي ويو، جڏهن ته ڳالهائيندڙ فرار ٿي ويو، اهي ٻئي ڇوڪرا پي ٽي آءِ حامي نه پر تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا حامي هئا، بعد ۾ پوليس ان نوجوان کي به گرفتار ڪيو پر ٻنهي خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿي ۽ کين سمجهائي ڇڏيو ويو، اهو واقعو ٽي چار هفتا پراڻو آهي، انهن ڏينهن ۾ عدالت ۾ مبارڪ ثاني ڪيس هلي رهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.