اتر وزيرستان ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان افغان سڃاڻپ ڪارڊ هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران مارجي ويل وڌيڪ هڪ افغان دهشتگرد جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
پاڪ فوج دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي.
بچي ويل دهشتگرد افغانستان ڀڄي ويا، جتي کين محفوظ پناهه ملي ٿي.
2021 ۾ افغانستان تي قبضو ڪرڻ کان وٺي، افغان طالبان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مڪمل سهولتڪاري، فنڊنگ ۽ مدد ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب افغان طالبان جي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو ثبوت پاڪستاني فورسز هٿان گرفتار ۽ مارجي ويل افغان دهشتگرد آهن.
26 سيپٽمبر 2024ع تي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جو تعلق افغانستان جي صوبي پڪتيڪا جي علائقي برمل سان آهي.
مارجي ويل افغان دهشتگرد جي سڃاڻپ جلال ولد نعمت الله طور ٿي آهي.
مارجي ويل دهشتگرد جلال وٽان هٿ آيل افغان شناختي ڪارڊ سندس افغان شهري هجڻ جو واضح ثبوت آهي.
ٻئي مارجي ويل دهشتگرد سيف الله ولد دين فراز جو تعلق دهشتگرد گروپ گل بهادر سان آهي.
دهشتگرد سيف الله وٽان افغان عارضي حڪومت جو جاري ڪيل هٿيار رکڻ جو اجازت نامون واضح ثبوت آهي ته شفيق الله ولد الدين فراز کي افغانستان ۾ هٿيارن سميت مڪمل آزادي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.