مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت ۾ ادارا ملوث آهن: قادر مگسي

کپرو (پ ر) ايس ٽي پي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي کپري ڀرسان ڳوٺ قاضي مبين درس پهچي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ خدا بخش درس سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي، جنهن بعد صحافين ڳالهائيندي چيو آهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي پويان ملڪي ادارا ملوث آهن، خاص طور ڌارين آبادڪاري جي ڪري سنڌ گهڻ طرفا عذاب ڀوڳي رهي آهي، سمورن فرقن جا اڳواڻ يا ته افغاني، ڪابلي آهن يا ٻيا ڪي ڌاريا آھن، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته عمر ڪوٽ واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽر قادر مگسي عدالتي ڪميشن جي گهر ڪندي چيو ته جنونين ڊاڪٽر شاھنواز سان اهڙو ئي ڪم ڪيو جيڪو يزيد ڪربلا جي ميدان تي ڪيو هو، ان موقعي تي پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ حيدر ملاح ۽ ٻيااڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.