سنڌ حڪومت پيپر آئوٽ ڪرڻ کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي: زين شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي ٽيسٽ کان اڳ رات وچ ۾ پيپر آئوٽ ڪرڻ کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي، تازو ئي ميڊيڪل جي داخلا  لاءِ  ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ به پئسن عيوض رات وچ ۾ وقت کان اڳ ئي آئوٽ ڪري وڪرو ڪئي وئي آھي جنھن سبب سڄي سنڌ ۾ غريبن، ھارين ۽ پورهيتن جا ٻار ميڊيڪل جي تعليم کان محروم بڻجي ويا آھن، سنڌ حڪومت گذريل 16 سالن کان ٻيا ته سمورا ادارا تباھ ڪري ڇڏيا آھن پر پبلڪ سروس ڪميشن جهڙن ادارن ۾ به سرعام ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آھي اتي به ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آھي، پر هاڻي ته تعليمي ادارن اندر انجنيئرينگ ۽ ميڊيڪل جي داخلائن دوران رات وچ ڪروڙين رپين جي عيوض پيپر آئوٽ ٿيڻ بعد هاڻي غريبن جي اولاد لاءِ تعليم جا دروازا به بند ڪيا ويا آھن، سيد زين شاھ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ھن وقت غريبن،پورهيتن جا ٻار ۽ ذهين ٻار سخت ذھني پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آھن اهڙي روش سبب گذريل سال ته ڪجهه ٻارن خودڪشيون پڻ ڪري ڇڏيون ھيون، هي عمل اسان جي ايندڙ نسلن جي تباهي جو پيغام آھي، ان لاءِ سنڌ جي عوام کي ۽ خاص طور تي نوجوانن کي هن ڪرپٽ ۽ ڪرمنل حڪومت خلاف اٿي پنهنجو آواز بلند ڪرڻو پوندو.

ميڊيڪل ٽيسٽ جو پيپر وڪرو ڪرڻ ميرٽ جو قتل آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار ۽ عبدالقادر رانٽو پنهنجي  جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو وڪرو ڪرڻ ميرٽ جو قتل آهي. پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ادارو جعلي ڊاڪٽر پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻجي چڪو آهي. پيسن تي ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ڪري غريب شاگردن جي حقن مٿان ڌاڙو هنيو ويو آهي. هر سال ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ مان واضع ٿئي ٿو ته هٿ وٺي تعليم کي تباھه ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ هر سال ميڊيڪل ٽيسٽ جو پرچو وڪرو ڪرڻ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي.

ميڊيڪل پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف ڀانن ۽ جيڪب آباد ۾احتجاج

ڀان سيدآباد/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) ڊائو يونيورسٽي پاران ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ پيپر ليڪ ٿيڻ خلاف ڀان سيدآباد ۾ سوين شاگرد، استاد ، والدين سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آيا، جن روشن تارا اسڪول ڀان کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن سعود فيصل آرائين، علي نواز جمالي، عطاءُ الله سنڌي، بدرالدين پنهور، شوڪت علي مري، سجاد شاهاڻي، انور پنهور، نصير کوکر، خالد جمالي، جواد هاليپوٽو، مهتاب جمالي، عابد جمالي، قاسم پنهور، محمد جمن چنا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پيپر وڪرو ڪري محنت ڪندڙ اميدوارن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. ٻئي طرف جيڪب آباد ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين  شھيد بينظير لائبريري کان ريلي ڪڍي وئي جو احتجاجي مظاھرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن جي اڳواڻي فاطمه سومرو، مسڪان قريشي، رقيه کوسو، شھزادي سومرو، محمد ارشد گھنيو، محمد شريف ڪٽو، جميل ٽالاڻي، زين سومرو، بلاول لھڙي ۽ ٻين ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.