ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ناڻي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 20 سپٽيمبر تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران 4 ڪروڙ 66 لک ڊالر جو واڌارو ٿيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، 20 سٽيمبر تائين ملڪي مٽا سٽا جا ذخيرا 14 ارب 87 ڪروڙ ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا ٻه ڪروڙ چاليهه لک ڊالر واڌ بعد نوَ ارب 53 ڪروڙ ڊالر رهيا، ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 2 ڪروڙ 26 لک ڊالر اضافي سان 5 ارب 33 ڪروڙ ڊالر رهيا.
You might also like