وسيم اڪرم ۽ وقار يونس تي اسان جيترو ” ورڪ لوڊ “ نه هو: شاهين آفريدي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته وسيم اڪرم ۽ وقار يونس تي ورڪ لوڊ ( ڪم جو بار ) ايترو نه هو جيترو اڄ جي رانديگرن تي آهي.
هڪ انٽرويو دوران شاهين آفريدي جديد ڪرڪيٽ ” ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ “ جي مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي آهي.
فاسٽ بالر چيو ته ماضيءَ جي عظيم رانديگرن وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جي ڳالهه ڪجي ته مٿن اڄ جي رانديگرن جيترو ورڪ لوڊ نه هو.
هن چيو ته هر انسان کي ذهني طور تي صحتمند ۽ مضبوط هئڻ گهرجي، سندس ذهني صلاحيت ۽ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندي ته هو ورڪ لوڊ واري مسئلي تي ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.