اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا اعلان ڪيو آهي ته واهپيدارن کان آگسٽ جي فيول چارجر ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا.
خميس ڏينهن نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪئي وئي.
پڌرائيءَ موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 57 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي.
اها ڪي اليڪٽرڪ کي ڇڏي ڊسڪوز جي سڀني واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي.
اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ان کان اڳ جولاءِ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان چارج ڪيو هو.
آگسٽ جو فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ واهپيدارن کان 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.
You might also like