اردو ۾ ڦاڙها مارڻ کانپوءِ چاهت فتح انگريزي موسيقي جي ڪڍ لڳي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) مزاحيه گلوڪاري سبب سوشل ميڊيا تي شهرت ماڻيندڙ برطانوي پاڪستاني راڳي چاهت فتح علي خان انگريزي ميوزڪ جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو.
چاهت فتح علي خان جنهن جو اصل نالو ڪاشف رانا آهي، پنهنجي انوکي انداز واري گائيڪي سبب سندس وڊيو مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي وائرل ٿينديون رهنديون آهن.
گذريل سال هن پاڪستان سپر ليگ لاءِ به هڪ گيت ڳايو هو، ان کانسواءِ هلندڙ سال چاهت فتح علي خان ماضي جي مقبول گيت ” اک لڙي بدو بدي “ جو ري ميڪ ٺاهيو جنهن يوٽيوب تي ڏسندي ئي ڏسندي 28 ملين ويوز حاصل ڪري ورتا هئا.
پر هاڻي چاهت فتح علي خان انگريزي ميوزڪ انڊسٽريءَ ۾ قدم رکي پنهنجي انگريز مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ چاهت فتح علي خان هڪ انگريز سان گڏ هوٽل ۾ ويٺو آهي، جتي پاڪستانين سميت ڪجهه ٻيا ماڻهو پڻ موجود آهن ۽ اهي چاهت فتح علي جي وڊيو ٺاهي رهيا آهن.
وڊيو ۾ اتي موجود ڪجهه ماڻهن چاهت فتح علي کي گذارش ڪئي ته هو پاڻ سان گڏ ويٺل انگريز لاءِ ڪو انگريزي ۾ گيت ڳائي.
جنهن تي چاهت فتح علي خان ٻڌايو ته هڪ انگريزي رومانوي گيت لکي رهيو آهيان، جنهن جون ڪجهه سٽون اوهان کي ڳائي ٻڌايان ٿو، هن هڪ گيت ڳايو جيڪو اتي موجود ماڻهن کي پسند آيو.
اتي موجود ماڻهن انگريز همراهه کان پڇيو ته ڇا هو چاهت فتح علي خان جو مداح آهي؟ جنهن تي هن چيو ته مان کيس ٽِڪ ٽاڪ تي ڏٺو هو ۽ سندس تمام وڏو فين آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.