نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر اندور سان واسطو رکندڙ شخص زال روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ئي خلاف شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب پوليس طرفان تفصيل ٻڌايا ويا ته روي گوڙ پنهنجي گهرواري ۽ ٻن ورهين جي ٻار سان گڏ اسڪوٽر تي وڃي رهيو هو ته روڊ تي موجود کڏي سبب حادثو پيش آيو.
پوليس ٻڌايو ته اسڪوٽر ڪرڻ سان روي ۽ سندس گهرواري کي ڌڪ لڳا، جنهن کانپوءِ فوري طور ٻنهي کي اسپتال پهچايو ويو، جتي اطلاع ملندي ئي پوليس به پهچي وئي.
پوليس موجب زخمي عورت ڪنهن به قسم جو بيان ڏيڻ جي حالت ۾ نه هئي پر مڙس روي پاڻ کي زال جي زخمي ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏنو ۽ پنهنجي ئي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.
You might also like