اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن طرفان جبري طور گم ڄاڻايل ماڻهن جي خاندانن کي 50-50 لک رپيا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ 3 رڪني لارجر بئنچ ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل ايمان مزاري، ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال، بچاءَ واري وزارت جو نمائندو بريگيڊيئر فلڪ ناز ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
جسٽس محسن اختر ڪياني ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته توهان جي درخواست تي آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي آفيسرن کي شامل ڪيو، پنهنجي ئي چونڊيل ماڻهن تي به توهان کي ڇوٽ گهرجي؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نالا ٻاهر اچڻ تي ڪنهن جي حياتي کي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون، ان کان اڳ ڪيترن ئي واقعن ۾ ڪجهه آفيسرن کي نشانو بڻجندي ڏٺو آهي، ان تي جسٽس ڪياني چيو ته ڪميٽي اسان ان ڪري ئي تبديل ڪئي هئي ته اهي هتي هڪ هڪ ڪيس تي اسان کي ٻڌائيندا.
عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان کي هڪ طريقي ڪار واضح ڪرڻو هوندو ته گم ٿيل ماڻهن کي ڪيئن آزاد ڪرايو وڃي.
ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن طرفان جبري طور گم ڄاڻايل ماڻهن جي خاندانن کي 50-50 لک رپين جا چيڪ ڏيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو منهنجي آرڊر تي عمل ٿيندو، جيڪڏهن نه ٿيندو ته مون کي هتي ويهڻ جي ضرورت ناهي، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالتي فيصلن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
You might also like