ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪارا ۽ ليکڪ ٽوئنڪل کنا ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته ڪاش ڊمپل ڪباڊيا بدران ڊريم گرل هيما مالني سندس ماءُ هجي ها.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽوئنڪل کنا تازو ئي هڪ ڀارتي اخبار لاءِ ڪالم لکيو جنهن ۾ هن ڀارتي شهرين کي پيش بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪئي، اداڪارا ملڪ جي روڊن تي گوڙ، گند ڪچرو جمع ٿيڻ ۽ روڊن ۾ پيل کڏن تي سوال اُٿاريا.
مضمون ۾ ٽوئنڪل کنا لکيو ته کيس پنهنجي واٽر پيوريفائر مان ٽمندڙ پاڻي جي آواز سبب هيمامالني ياد ايندي آهي.
هن چيو ته ڀارت ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اداڪارا مان سياستدان بڻجندڙ هيما مالني کان وڌيڪ ڪو به پرعزم نه آهي، ملڪ ۾ ڪو به هيما مالني جيان ڀارتي شهرين کي صاف پاڻي ڏيارڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي.
ٽوئنل کنا ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته ڪهڙي طرح هيما مالني صاف پاڻي جي مقصد کي هٿي وٺرائڻ رهي آهي ۽ جلد ئي گنگا نديءَ جي ڪناري هڪ ڊانس پروگرام جو اهتمام ڪندي ته جئين اسان جي درياهن کي صاف رکڻ جو پيغام عام ڪري سگهجي.
ٽوئنڪل کنا پنهنجي ماءُ کي فون ڪري ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ساٿي شهرين کي روڊن تي پان جي پِيڪ اُڇلائڻ ۽ جتي مذهبي اختلافن تي ماڻهو ماري ڇڏجن اتي ترقي بي معنيٰ آهي .
اڳوڻي اداڪارا ڪالم ۾ ٻڌايو ته جڏهن هن ڊمپل سان شڪايت ڪئي ته ملڪ ۾ ” صاف رورڊ، پاڻي، هوا يا بنيادي هم آهنگي نه آهي ته سينيئر اداڪارا جواب ۾ پنهنجي ڌيءَ کي چيو ته هن واري گڻپتي جي جلوسن دوران گوڙ گهٽ هو تون اجائي واويلا ڪري رهي آهين ۽ فون بند ڪري ڇڏي.
ان طنزيه انداز ۾ ٽوئنڪل لکيو ته اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن مان خواهش ڪئي آهي ته ڪاش هيما مالني منهنجي ماءُ هجي ها، اسان نه رڳو پاڻي تي ڊگهي گفتگو ڪيون هاپر مون کي سڄي زندگي مفت واٽر پيوريفائر جي فراهمي به ملي ها.