انتهاپسندي جي بُت کي مات، سنڌ جي شعور جو تاريخي احتجاج

عمرڪوٽ(ڊ ر) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي بي رحماڻي قتل خلاف خوف ۽ دهشت کي مات ڏيندي  هزارين ماڻهن، عورتن، نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن نعرن جي گونج ۾ ٽي تلوار چوڪ  کان عمر ڪوٽ پريس ڪلب تائين تاريخي مارچ ڪيو ، عمرڪوٽ شهر“انتهاپسندي مرده باد، دهشتگردي مرده باد” ۽“پوليس گردي مرده باد” سميت امن ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف لڳندڙ نعرن سان گونجي اٿيو. سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، عاليا بخشل، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، عائشه ڌاريجو ۽ ٻين عورتن جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ عمرڪوٽ پريس ڪلب پهچڻ تي هڪ وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، مارچ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معصوم نياڻي حريم شاهنواز ڪنڀر به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته آئون شدت پسندن ۽ قاتلن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته ڏس هي منهنجي سنڌ آهي ۽ توھان  ان سنڌ جي رواداري، امن ۽ ڀائيچاري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته  واقعي ۾ ملوث سنڌ پوليس جي آفيسرن کي ٻڏي مرڻ گهرجي، پوليس آفيسر ڪجهه شرم ۽ حيا ڪن، ڪنهن بيگناهه ۽ معصوم کي قتل ڪري اوھان گلن جا هار پائي داد ٿا حاصل ڪيو، اهو الميو آهي ته قاتل ايس ايس پي عمرڪوٽ اڃان تائين پنهنجي ڪرسي تي ويٺو آهي ۽ سنڌ حڪومت مسلسل تماشو ڏسي رهي آهي، عمر سرهندي هڪ انسان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ انعام رکڻ جا اعلان ڪندو رهيو، پر پوليس ڊاڪٽر شاهنواز کي تحفظ ڏئي عدالت  جي سامهون پيش ڪرڻ بجاءِ ان کي قتل ڪيو، ڊاڪٽر کي بيدردي سان مارڻ بجاءِ شرپسندن کي گرفتار ڪيو وڃي ها، ڊاڪٽر شاهنواز کي پنهنجو موقف ڏيڻ جو موقعو ته ڏيو ها. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي امڙ ۽ وني جا ڪي خواب هئا، اهي خواب توهان رت ۾ رنگي ڇڏيا، ڊاڪٽر شاهنواز پنهنجي معصوم پٽ کي دل ۾ سوراخ هجڻ واري تڪليف جو علاج ڪرائڻ جي لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو سوچي رهيو هو. هن چيو ته اڳوڻي ڊي آئي جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، سي آئي اي انچارج، ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ ٻين سمورن پوليس عملدارن، اهلڪارن ۽ شرپسندن کي گرفتار ڪيو وڃي، انهن جي مٿان قتل ۽ دهشتگردي جون ايف آءِ آر داخل ڪيون وڃن. اسان پوليس جي جاچ کي  نٿا مڃون ، پوليس وارا پوليس جي جاچ ڪهڙي ڪندا؟، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. جيڪڏهن صاف ۽ شفاف جاچ ٿي ته سڄي دنيا کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ پوليس ڪيڏي بي رحم ۽ ڏوهارين جي ساٿاري آهي. پنهل ساريو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو هو ته ان لاءِ قانون ۽ عدالتون موجود هنيون، پر کيس سرعام گوليون هڻي قانون هٿ ۾ کنيو ويو، جيڪو عمل برادشت جوڳو ناهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان سان گڏ بنا دير اڳوڻي ڊي آئي جي، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇ او سنڌڙي ۽ عمر سرهندي سميت سمورا ملوث ماڻھون گرفتار ڪيا وڃن. عاليا بخشل چيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري قتل ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي تحفظ ڏنو وڃي. عائشه ڌاريجو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انسانيت جو قتل آهي، لاش ساڙڻ انسانيت جي توهين آهي. هن دردناڪ واقعي خلاف هر محاذ تي آواز اٿاريو ويندو. جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته انتهاپسند ۽ جنوني ،سنڌ جي سيڪيولر ۽ امن پسند سماج کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا، پر سنڌ اهي سازشون ناڪام بڻائيندي، سنڌ ڪنهن جنوني جي حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل کي سنڌ جي روح تي رهنڊ سمجهون ٿا، ان ڪري اسان حڪومت آڏو واضح ڪيون ٿا ته مک قاتلن سميت سمورا شرپسند گرفتار ڪيا وڃن جن سنڌ جي امن کي برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. مير حسن آريسر چيو ته اسان پوليس جي جاچ کي رد ڪيون ٿا، ڊاڪٽر شاهنواز جو لاش ساڙي تذليل ڪرڻ ۾ ملوث رهيل جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿيندي. نامياري شاعر حاجي ساند چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي بيدردي سان بيگناهه قتل ڪري لاش ساڙيندڙ انتهاپسند ۽ جنوني جوابدارن، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سنڌ جي تاريخ سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندي، توهان هڪ بي جان انساني جسم کي تيلي ڏني آهي ۽ اها تيلي ڏيڻ واري حرڪت توهان جو پيڇو ڪندي، اسين لطيف جي سنڌ جا وارث آهيون، اها سنڌ توهان جهڙن انتهاپسندن ۽ انسانيت جي ويرين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. هن چيو ته توهان هڪ معصوم ڊاڪٽر کي قتل ڪري ان جي لاش کي هجومن حوالي ڪيو، ڊاڪٽر شاهنواز جا وارث ۽ پريمو ڪولهي لاش بچائيندا ڪلهن تي کڻندا رهيا، اهڙو انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ عمل ڪرڻ تي سنڌ توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسان کي ڪنهن کان به سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، توهان ڪير ٿيندا آهيو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ حمز علي چانڊيو نعرا هڻائيندي ۽ مارچ جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته سنڌ جي شعور اڄ ثابت ڪيو آھي ته ڌرتي جا وارث ڪنهن به صورت ۾ انتهاپسندن ۽ جنونين کي برداشت نه ڪندا، سنڌ امن جي ڌرتي آھي. ان موقعي تي رمضان خاصخيلي، منظور سولنگي، سڪيلڌو راهمون، انور بڙدي، شبير لغاري، فقير شوا ڪڇي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص پوليس هٿان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو بيرحماڻو قتل ثابت ٿو ڪري ته انصاف ڏيندڙ ادارا ناڪام ٿي چڪا آھن.

”سنڌ صدين کان سيڪيولر“ ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ڀيٽا پيش

ڄامشورو( ڊ ر ) لمس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ لمس اسٽوري ٽيلرز اسٽڊي سرڪل طرفان شھيد ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي بيگناھ قتل کي مدِ نظر رکندي "سنڌ ۾ سيڪيولرزم ۽ وڌندڙ مذھبي انتھاپسندي” جي عنوان ھيٺ لمس سينٽرل پارڪ ۾ اسٽڊي سرڪل رکيو ويو آھي. اسٽڊي سرڪل ۾ يونيورسٽي جي امن پسند ،باشعور ۽ ترقي پسند شاگردن شرڪت ڪري ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي تصوير اڳيان گل رکي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اسٽڊي سرڪل جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ صدين کان سيڪيولر، صوفي ازم ۽ مذھبي رواداري جو درس ڏيندڙ خطو رهي آهي، ان جو مذهبي انتھاپسندن امن امان تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھنن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ھڪ باشعور ۽ مذهبي رواداري تي يقين رکندڙ نوجوان ھو جنهن کي ھن رياست ۽ ان جي پاليل شرپسندن طرفان ڪوڙي الزام ھيٺ بيدرديء سان قتل ڪرڻ بعد ان جي لاش جي تذليل ڪئي وئي جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل ھو اھڙي عمل جي نه ھن ملڪ جو قانون اجازت ڏئي  ٿو ۽ نه ڪو مذھب اجازت ڏئي ٿو، لمس اسٽڊي سرڪل جي اڳواڻن سنڌ ڌرتيءَ جي امن، سيڪيولر ۽ مذھبي رواداري واري تھذيب کي جاري ۽ ساري رکڻ جو عزم دھرائڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

مولوي احمد شاهاڻي سميت 9 جوابدار اي ٽي سي ۾ پيش

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ ۽ بيحرمتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن  مان گرفتار ڪيل 9 جوابدارن مولوي احمد شاهاڻي، رياض پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نور حسن پنهور، غمشاد علي پنهور، محمد صيفل ۽ امجد پنهور کي ڪالهه عمرڪوٽ پوليس ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جوابدارن کان جاچ لاءِ رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت پيش ڪيل جوابدارن کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر موجب ڪيس ۾ گھربل وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

بابا کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو:حريم شاهنواز ڪنڀر

عمرڪوٽ: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي معصوم نياڻي حريم شاهنواز ڪنڀر مارچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته بابا کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو آهي، بابا جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ سنڌ جا ماڻهو اسان جو ساٿ ڏين، اسان کي انصاف گهرجي ٿو، بابا جي وڇڙڻ  ڪري اڪيلا ٿي ويا آھيون، بابا کي گهڻو ياد ڪيون ٿا، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته هو سندس پيءُ جي قتل جو نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.

ڊاڪٽر شاهنواز کي رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ماهه نور ملاح پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ مدامني جي باھه ٻري رهي آهي. ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه تحفظ ناهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته عمر ڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس هڪ رٿابندي تحت بي دردي سان قتل ڪيو آهي. پوليس پهرين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سڌيون گوليون هڻي ڪيو ۽ پوءِ لاش کي باھ ڏياري شاهديون مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪري ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث ڊي آئي جي ميرپور خاص سميت سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جي وحشياڻا قتل تي ملڪ جي اعلي عدالتن کي خاموش ٽوڙڻ گهرجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل عدالتي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي.

پوليس جي جاچ اسان کي قبول ناهي: بابر ڪنڀر

عمرڪوٽ: ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڀاءُ بابر ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه مذهبي ڌرين جي فرياد تي منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر شاھنواز  ڪنڀر تي ڪيس داخل ٿيو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جيڪو عدالت کان مٿانھون قتل آھي. هن چيو ته پوليس جي جاچ اسان کي قبول ناهي. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن اسان کي انصاف ملي سگھي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي سئوٽ وڪيل جنيد ڪنڀر ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته جنھن ڏينھن ڊاڪٽر جو لاش ڳوٺ جانھيرو آندو ويو پئي ته ايمبولينس سان گڏ جيڪا پوليس جي موبائيل يا سيڪورٽي  ھئي، اھو ڳوٺ کان پري بيهي رهي، ايمبولينس کي ڳوٺ ڀرسان انتھاپسند ماڻھن گھيري لاش ايمبولينس مان لاھڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي نمبر تي ڪال ڪئي، پر منھنجي ايس ايس پي ڪال نه کنئي ان دوران بااثر ماڻھو ايمبولينس مان لاش ڪڍي باھه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ اسان جي منٿن باوجود بااثرن ماڻھن لاش جي ويجھو اچڻ نه ڏنو، اسان جي گھرن جون عورتون نڪتيون جن پوتيون پلاند وجھي لاش ڇڏرايو ان دوران لاش جو ڪجھه حصو سڙي چڪو ھو، ھن چيو ته واقعي کي 7 ڏينھن گذرڻ باوجود ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ سندس ٽيم خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سگھي آهي، اھي ساڳين سيٽن تي ويٺل آھن، اسان بلاول ڀٽو کان مطالبو ٿا ڪيون ته ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

عمرڪوٽ جو مولوي عمر سرھندي ۽ ٻيا ڌمڪيون پيا ڏين: رضا شر

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي اوڀر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو رضا شر چيو ته حضور پاڪ صه جن جو شان سڀ کان افضل آهي ۽ توهين رسالت ڪندڙ کي هر صورت ۾ قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي پر شاهنواز ڪنڀر کي بنا ڪنهن تصديق جي پوليس هٿان فل فرائي ڪرائي ۽ پوءِ لاش کي ساڙڻ انساني حقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي عمل خلاف آواز اٿارڻ تي عمرڪوٽ جي مولوي ملان عمر سرھندي ۽ پير فرخ شاهه سرھندي مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، هاڻ آئون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪريان ٿو جيڪڏهن مون کي ڪو به جاني مالي نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ساڳيا ماڻهو هوندا. هن مطالبو ڪيو ته وڌندڙ انتهاپسندي تي نظر رکندي بناجواز مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.