گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جا وسيلا لٽجڻ نه ڏينداسين: سيد زين شاهه

ڪراچي (پ-  ر) ارسا قانونن ۾ ترميم،سنڌو درياھ مان ڇھن نون ڪئنالن جي تعمير، ٿرڪول، ڪارونجهر جي ليز، سنڌ جون زمينون،ساحلي پٽي،  پاڻي، ٻيٽن ۽ وسيلن جي وڪري جي خلاف لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جو ھڪ اھم گڏيل ھم خيال پارٽين جو سربراھي اجلاس اڄ 25 سيپٽمبر تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ جي ايم سيد ايڊفيس ڄامشورو ۾ ٿيندو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد زين شاھه ، جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ،ايس يو پي، پيپلز پارٽي ورڪرز، نيشنل پيپلز پارٽي،پاڪستان تحريڪ انصاف،جماعت اسلامي،جي يو آءِ ،ايس ٽي پي،عوامي جمھوري پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ سميت اتحاد ۾ شامل ٻين پارٽين جي مرڪزي اڳواڻن سان رابطا ڪري اجلاس جي ايجنڊا تي ڳالھه ٻولهھ ڪئي آھي، ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهھ ڪراچي مان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٿر جي  ڪوئلي مان بجلي جي تيزيءَ سان پيداوار ٿيڻ باوجود سنڌ جا شهر اونداهي ۾ ٻڏل آهن، پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن سبب گرڊ اسٽيشنون تباھي جو شڪار ٿي چڪيون آهن، سنڌو درياهھ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ لاءِ  نوان ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، هن چيو ته ڪي فور منصوبي جي لاڳت 247 ارب تائين پهچي وئي آهي، جڏهن نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو پيو وڃي ته ڪي فور منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي تائين پاڻي ڪيئن پهچندو؟ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جا وسيلا لٽجڻ نه ڏينداسين،ڪارونجهر جي جبلن جي ليز کي رد ڪريون ٿا،سيد زين شاھ جو چوڻ ھو ته حڪمرانن ٿر ۾ ناقص آر او پلانٽ لڳائي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.